اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ??يندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينه?? وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل ??ومن جي هاءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ??يزباني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.