اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته افسوس اڄ مريم نواز بهاولپور ۾ خطاب ڪندي اهو وسري وئي ته ان شاهي خاندان لاهور کي ٺاهڻ سنوارڻ جي نالي تي ڏکڻ پنجاب جي عوام جي فنڊن تي ڌاڙو هنيو، ڏکڻ پنجاب جي عوام تعليم، صحت ۽ روشني ??اءِ ترسندي رهي جڏهن ته انهن جا سمورا وسيلا لاهور تي خرچ ڪيا ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته ڏکڻ پنجاب جا آبادگار ان شاهي ٽولي کان نفرت ڪن ٿا، مسلم ليگ (ن) پنهنجي حڪومت جي دور ۾ انهن کي بک وگهي مرڻ تي مجبور ڪيو.