اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته بي گهر ماڻهن کي پنهنجي ڇت حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ڏيڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ذاتي ڇت هر غريب ۽ گهٽ آمد??ي واري ماڻهو جو حق آهي، تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار ??جل??س جي صدارت ڪندي ڪيو. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ??ه هائوسنگ ۽ تعميراتي جي منظور ٿيل ۽ غور هيٺ منصوبن جي ڪل معاشي سرگرمي جو ڪاٿو 2.07 ٽريل??ن رپيا آهي، 17 اپريل 2020ع کان هيستائين هائوسنگ اينڊ ڪنسٽرڪشن جي ڪل 307 منصوبن ۾ 39.83 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي منظوري ڏ??ي وئي آهي، وڌيڪ 64.12 ملين مربع فٽ زمين تي تعمير جي 526 منصوبن جي منظوري جو عمل غور هيٺ آهي. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ??ه هيستائين منظور ٿيل منصوبن جي نتيجي ۾ 796.5 ارب رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿي رهي آهي، غور هيٺ منصوبن جي منظوري جي نتيجي ۾ وڌيڪ 1.28 ٽريل??ن رپين جي معاشي سرگرمي پيدا ٿيندي، انهن منصوبن جي نتيجي ۾ اڍائي لک ماڻهن کي سڌوسنئون جڏهن ته ساڍا چار لک ماڻهن کي اڻ سڌي طرح نوڪرين جا موقعا ملندا. ??جل??س کي ٻڌايو ويو ??ه ايل ڊي اي پاران 11.03 ملين مربع فٽ زمين تي تعميرات جي 3435 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 700 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن، راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي پاران 4.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي هيستائين 67 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 51 منصوبا غور هيٺ آهن. سي ڊي اي پاران 12.8 ملين مربع فٽ تي تعميرات جي 121 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 18.7 ملين مربع فٽ تعميرات جا 142 منصوبا منظوري جي لاءِ غور هيٺ آهن. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 9.1 ملين مربع فٽ جي 33 منصوبن جي منظوري ڏ??ي وئي آهي جڏهن ته 40.8 ملين مربع فٽ جا 269 منصوبا منظورين جا منتظر آهن. وزيراعظم سنڌ ۾ منظورين جي عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??ه تعميراتي سرگرمين جي فروغ سان پيدا ٿيندڙ معاشي سرگرمي جو سڌوسنئون فائدو سنڌ جي عوام ۽ صوبي کي ٿيندو. ??جل??س ۾ فيصلو ڪيو ويو ??ه وڏي عرصي کان منظورين سبب التوا جو شڪار ٿيندڙ تعميراتي منصوبن جا سمورا ڪيسز نيب ڏانهن موڪليا ويندا ته جيئن ذميوارن جو تعين ڪري سگهجي ۽ ڄاڻي واڻي دير ڪندڙ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي.