اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سم??رن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف ??ثم??نوف سان ڳالهائيندي چ??ي جنهن اطلاعا?? واري وفاقي وزير سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سان پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ۽ پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سان رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سان خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سان سم??رن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي تاشقند جي دوري سان ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سم??رن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سم??رن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعا?? واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سان عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪستان جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪومت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستان جي سم??رن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستان جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دستاويزي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريا?? واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.