اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاع??ت ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عوام جي لاءِ پنهنجو گهر پنهنجو خواب ممڪن بڻائي رهيو آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گ??ٽ آمدني وارن گهرن لاءِ 200 ارب روپين کان وڌيڪ قرض جون در??واستون مليون آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته هن وقت تائين 78 ارب روپين جا قرض منظور جڏهن ته 18 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا و??ا آهن. مملڪتي وزير چيو ته حڪومت ۽ مرڪزي بئنڪ بئڪن کي قرض منظوري جو عمل وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته گهٽ لاڳت وارن گهرن جي قرض لاءِ 57 هزار در??واستون مليون آهن جنهن مان 23 هزار در??واستون قرضن جي لاءِ منظور ٿي چڪيون آهن، هن وڌيڪ چيو ته باقي در??واستن جي منظوري جو عمل جاري آهي، مملڪتي وزير چيو ته گ??ٽ آمدني وارن ماڻهن پاران گهرن جي لاءِ قرض در??واستن ۾ روزاني جي بينادن تي اضافو ٿي رهيو آهي.