اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل رقم واپس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي وفاقي ??ئن??نگ مح??سب جي فيصلي جي خلاف سونيري ??ئن?? جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ ??ئن?? کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته ب??نڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ته ب??نڪنگ مح??سب پاران پڻ ??ئن?? کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري ??ئن?? جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره ب??انچ ۾ اڪائوٽ کوليو ۽ ان وقت ??ئن?? مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته ب??نڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ ??ئن?? مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن تي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر ??ئن?? جي لاڳاکيل ا??ليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل رقم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ڏنيون جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي رقم واپس نه ملڻ تي شهري وفاقي ??ئن??نگ مح??سب سان رجوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل رقم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي ??ئن??نگ مح??سب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري ??ئن?? کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري ??ئن?? وفاقي ??ئن??نگ مح??سب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ته صدر وفاقي ??ئن??نگ مح??سب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ ??ئن??نگ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل رقم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت ??ئن??نگ مح??سب ??ئن??ن جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.