اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) اسلا??ي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه چيو آهي ته افغانستان جي ??وجوده صورتحال تي او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جي 17 هين غير معمولي اجلاس ۾ افغان عوام جي ??دد لاءِ عالمي فنڊ جو قيام ۽ افغانستان لاءِ او آءِ سي جي خصوصي نمائندي جي ??قرري اهم ڪاميابي آهي، اميد آهي ته اسلا??ي تعاون تنظيم جي ??يمبر ملڪن کانسواءِ ٻيا ملڪ به ان فنڊ ۾ حصو وجهندا، غير معمولي اجلاس جي ڪاميابي خوش آئنده آهي، اميد آهي ته ان سان خطي خاص طور تي افغانستان ۾ بهتري ايندي. هو او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ واپس وطن روانو ٿيڻ تي ميڊيا س??ن ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب ۽ ٻين کيس الوداع ڪيو. او آءِ سي سيڪريٽري جنرل چيو ته او آءِ سي اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت جا ٿورائتا آهيون، اهو غير معمولي اجلاس هڪ وڏي ڪاميابي هو، خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي حوالي سان اهو اجلاس اهم هو، هن چيو ته اهو غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو ته جيڪا هڪ خوش آئنده ڳالهه آهي، ڪانفرنس سان خطي خاص طور تي افغانستان جي صورتحال ۾ بهتري ايندي، هن چيو ته ان اجلاس جي ??ڪ اهم ڪاميابي اها آهي ته او آءِ سي جي اجلاس ۾ او آءِ سي جي اسسٽنٽ سيڪريٽري طارق بخيت کي افغانستان بابت خاص نمائندو مقرر ڪيو ويو جنهن پنهنجو ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي، هو رابطاڪاري جو ڪم سرانجام ڏيندو، هن اجلاس ۾ شريڪ طالبان جي ??مائندي سان ملاقات به ڪئي، اميد آهي ته هو مستقبل ۾ به لاڳاپيل ادارن سان رابطي ۾ رهندو، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي چيو ته ٻي وڏي ڪاميابي افعانستان جي عوام لاءِ خصوصي فنڊ جو قيام آهي جنهن ۾ نه رڳو او آءِ سي جي ??يمبر ملڪ پر ٻيا ملڪ به تعاون ڪندا ته جيئن 40 سالن کان مصيبتن جو شڪار افغانين جي ??دد ٿي سگهي، هن چيو ته اجلاس ۾ افغانستان لاءِ حوصلا افزا اعلان ڪيا ويا آهن، ان پرڏيهي وز??رن جي ڪائونسل جا تاريخي اثر پوندا، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وز??ر فرخ حبيب او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اميد آهي ته افغانستان جي باري ۾ او آءِ سي جا نمائندا خصوصي فعال ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي چڪو آهي جنهن جي روڪٿام لاءِ او آءِ سي جي ??ليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿاريو ويو.