ڪراچي – 30 ڊسمبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف چيو آهي ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ تي ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي، شاگرد پنهنجي پڙهائي جي عملي رخن ۽ دائري ڪار تي هڪجهڙو ڌيان ڏين ته ??يئن تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کين ملازمتون ملي سگهن، اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوامي آگاهي جي لاءِ گهٽ مراعته يافته ??لائقن ۾ به ص??ت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اقرايونيورسٽي نارٿ ڪيمپس جي شاگردن ۽ فيڪلٽي ميمبرن سان يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ جسماني تندرستي جي حوالي سان پوسٽر سازي مقابلي جي موقعي تي خطاب ڪ??دي ڪيو. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر سازي مقابلي جي انعقاد تي شاگردن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ اقرا يونيورسٽي جي انتظاميه کي ساراهيو. هن چيو ته ??اگردن جي تيار ڪيل پوسٽرز معلوماتي آهن، صحت ۽ تندرستي جي باري ۾ آگاهي جي حوالي سان وڌيڪ مفيد ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته ??ن قسم جي پوسٽرز کي اسڪولن ۾ به لڳائڻ گهرجي ڇو ته ??هي شاگردن ۾ جسماني تندرستي کي برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ بيداري پيدا ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا. هن شاگردن جي مسڪرائيندڙ چهرن کي ڏسي خوشي جو اظهار ڪ??دي چيو ته ??ن مان انهن جي پڙهائي ۾ جوش ۽ دلچسپي ظاهر ٿئي ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي اقرا يونيورسٽي جي شاگردن کي به مشورو ڏنو ته هو خصوصي ٻارن ۾ بهترين ص??ت برقرار رکڻ لاءِ احتياطي تدبيرن جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ به ڪم ڪن. خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته معذور ٻارن کي به اسان سڀني جي تعاون جي ضرورت آهي، مختلف صلاحيتون رکندڙ ٻار به عام زندگي گذارڻ ۽ معاشري جو ڪارآمد شهري بڻجڻ لاءِ همدردي حاصل ڪرڻ جا مستحق آهن. خاتون اول چيو ته ??قرا يونيورسٽي جي انتظاميه عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ گهٽ مراعته يافته ??لائقن ۾ به ص??ت بابت آگاهي ڪيمپ لڳائي. هن چيو ته موجوده حڪومت عوام کي صحت جون بهترين خدمتون فراهم ڪرڻ لاءِ به ڀرپور ڌيان ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ هن پوسٽر سازي مقابلي جو جائزو ور??و ۽ شرڪت ڪندڙن جي تيار ڪيل پوسٽرز ۾ گهري دلچسپي ور??ي، ان موقعي تي اقرا يونيورسٽي پاران خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي کي شيلڊ به پيش ڪئي وئي، ان کانپوءِ بيگم ثمينه عارف علوي پوسٽر مقابلي جي فاتح ۽ رنراپ کي شيلڊز ڏنيون.