اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت آبادگارن کي جديد زرعي اوزارن، مع??اري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آه??، آبادگار ڪار?? جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبادگارن کي ملڻ گهرج??، آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو ا??ها?? هن زراعت خاص طور تي ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان ۽ سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. وز??را??ظم عمران خان چيو ته في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، حڪومت آبادگارن کي جديد زرعي اوزارن، مع??اري ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي فراهم ڪري رهي آه??، آبادگار ڪار?? جي ڪري سبسڊي جو اصل فائدو آبادگار کي ملڻ گهرج??، آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهيا وڃن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڪپهه جي مع??اري ٻج جي پيداوار کي جلد ممڪن بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پاڪستان ڪاٽن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اٿارٽي مع??اري ٻج جي فراهمي، مانيٽرنگ ۽ پيداوار وڌائڻ جي لاءِ تحقيق ڪندي. اجلاس ۾ ڪپهه پوکيندڙ آبادگارن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قانون ٺاهڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هن وقت 4.17 ملين ٽن ڪمند جو اسٽاڪ موجود آهي، ڀاڻ تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي 15.5 ارب رپيا ابسڊي ڏئي رهيون آهن. وز??را??ظم جي هدايتن موجب فارمر فورم قائم ڪيو ويو آهي جنهن جي صدارت غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير ڪري رهيو آهي، ان فورم جو مقصد پاليسي معاملن ۾ آبادگارن جي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۽ انهن جا مسئلا جلد حل ڪرڻ آهي. وز??را??ظم قومي ڪپهه ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي منظوري پڻ ڏني. وز??را??ظم صنعت واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي مقامي پيداوار جي لاءِ پلانٽس لڳائڻ جي لاءِ فزيبلٽي جوڙي وڃي.