اسلام آباد – 02 211; مارچ (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي اولين ترجيح آهي، ملڪ ۾ يونيورسل ايمرجنسي هيلپ لائين مشڪلاتن ۾ ڦاٿل عوام جي لاءِ هنگامي مدد جو اهم ادارو هوندو. وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (پي اي ايڇ اي ايل) 911 جو جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزير??عظ?? جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن جي چيئرمين انجنيئر معراج گل، نيشنل انفارميشن ٽيڪنال??جي بورڊ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سيد حسنين عباس ڪاظمي ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا چيف سيڪريٽر??ز وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا. وزير??عظ?? عمران خان سمورن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني ۾ ان سروس جي حقيقي شروعات کان اڳ هيلپ لائين جي آزمائشي ۽ سافٽ لانچ جي ذريعي ان کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي فعال بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. وزير??عظ?? کي ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته هنگامي خدمتون فراهم ڪندڙ ادارا فائربرگيد، پوليس، طبي معاونت، قدرتي آفتن کان بحالي ۽ موٽروي پوليس سميت خدمتون فراهم ڪندڙ سمورن 36 انفرادي ايمرجنسي ??مب??ز کي پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين 911 ۾ ضم ڪيو ويندو. ڪو به ضرورتمند شخص 911 تي ڪال ڪندو ۽ ڪال سينٽر ان جي ڪال کي لاڳاپيل حڪومتي ادارن ڏانهن موڪليندو. ڊيجيٽل پاڪستان قدم جي حصي طور اهو انفارميشن ٽيڪنال??جي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن وزارت ۽ گهرو وزارت جو گڏيل منصوبو آهي. نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن ۽ انفارميشن ٽيڪنال??جي وزارت جو نيشنل انفارميشن ٽيڪنال??جي بورڊ ان منصوبي کي آساني سان مڪمل ڪرڻ لاءِ ضروري فني معاونت ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪندو جڏهن ته گهرو وزارت وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مختلف ايمرجنسي ريسپانس سروسز جي لاءِ رابطي جي ذميوار هوندي.