اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت جي ڏس ۾ او آءِ سي جو ??فيشل اينٿم ”هم مصطفوي“ کي ٻ??هر رڪارڊ ڪ??و ويو آهي، ان تراني جي ڌُن ۽ ٿهيم پراڻي آهي، جميل الدين حالي جو لکيل اهو ترانو قرآن ڪريم سان ماخوذ آهي ۽ ان ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي آفيشل گاني جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تراني جو ٿهيم ”الله جي رسيءَ کي مضبوطي سان پڪڙي رکو ۽ فرقي ۾ نه پئو“ آهي. هن چيو ته تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا ته هي ترانو او آءِ سي جو ??فيشل ترانو آهي، 1974ع ۾ هڪ قرارداد جي ذريعي ”هم مصطفوي“ کي او آءِ سي جو ??فيشل اينٿم ڊڪليئر ڪ??و ويو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ترانو اردو زبان ۾ آهي پر ان ۾ عربي، فارسي جو ٿهيم به موجود آهي، 1974ع ۾ او آءِ سي ڪانفرنس ۾ پهريون ڀيرو اهو ترانو پيش ڪ??و ويو. هن چيو ته تراني جو ميو??ڪ ويسٽرن ڪلاسڪ ۽ اهو ترانو يونيورسل زبان ۾ آهي جنهن ۾ خوبصورت زبان ۽ تاريخ کي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ڪوشش ڪئي آهي ته تراني جي اصل شڪل کي برقرار رک??و وڃي.