اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو آهي ته مسلمان امت کي درپيش ڪيترن ئي چئلينجز تي گڏيل ڪوششن سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي جارحيت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مسلمان امت کي متحد ٿيڻ ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن کي خودمختياري جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هو او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي هن فلسطيني عو??م جي خراب حالت تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسرائيل فلسطينين جي قتلام ۽ نسل ڪشي ۾ ملوث آهي، اسرائيلي فلسطينين جي زمينن تي قبضن، گهرن جي مسماري، نسلي امتياز ۽ نسل ڪشي جو سهارو وٺي رهيا آهن جيڪا لاڳاپيل عالمي قا??ون?? ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته فلسطيني عو??م جي خلاف اسرائيلي ڏوهن کي روڪڻ جي لاءِ اسان تي فرض آهي ته اسان يڪجهتي جي جذبي کي سگهه ڏيون ۽ القدس شريف جي تاريخي ۽ قا??ون?? حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي اسرائيلي ڪوششن جو مضبوطي سان مقابلو ڪريون. او آءِ سي جي سيڪريٽري ان ڳالهه تي به اف??وس جو اظهار ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار ڊگهي عرصي کان حل طلب آهي. هن 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقا??ون?? قدمن تحت والاريل علائقي ??ي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ کي عالمي قا??ون?? جي ابتڙ قرار ڏنو ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۾ ڪوششن کي ٻيڻو ڪرڻ تي زو?? ڏنو. اف??انستان جي حوالي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل امن، استحڪام ۽ ترقي ??ي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اف??ان عو??م سان ڳالهيون جاري رکڻ تي زو?? ڏنو. سيڪريٽري جنرل حسين براهيم طحه چيو ته او آءِ سي يمن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي تي يقين رکي ٿي. هن يمن ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ سعودي عرب جي مسلسل ڪوششن کي ساراهيو. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل اسلامو فوبيا جي مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان تعاون تي زو?? ڏنو ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد جي آجيان ڪئي جنهن تحت 15 مارچ کي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو ويو آهي.