اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي يونيورسٽي جي اندر وي?? ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي ق??متي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انتهائي قابل مذمت و??قعي ۾ متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.