اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي آمريڪا سان حصيداري کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، آمريڪي ڪمپنين جي پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي، خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ڪري رهيو آهي، ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪري ۽ عالمي برادري پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري، پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? وچ ?? تعاون سان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم کيس پاڪستان ۾ سفير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? وچ ?? ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ ۾ ڪردار ادا ڪندو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ?? تاريخي، پراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل احترام، اعتماد ۽ مفاد جي بنياد تي حصيداري وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? لاڳاپن جي ويجهي حصيداري جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? وچ ?? قائم ٿيندڙ مختلف مڪالما واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، صحت ۽ توانائي جي شعبن ۾ اسان جي ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ آبادياتي صلاحيت جي ڪري آمريڪا ج?? ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن پاران پاڪستان جي وڏي مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ معاهدي جي وزارتي اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ انهي سال ڪاروباري موقعا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته هي سال پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? وچ ?? سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جو سال ??هي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ان تاريخي ??وقعي کي ڀرپور طريقي سان ملهائيندا ج??هن سان ٻطرفن ۽ عوام جي وچ ?? لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ?? اعليٰ سطح تي وڌيڪ دورن جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ڀارت ۾ اسلامو فوبيا ج?? وڌندڙ لهر جي حوالي سان وزيراعظم حضور صه جي شان ۾ گستاخانا ڪلمن جي مذمت ڪئي جن سان مسلمانن جي جذبن کي سخت ٺيس پهتي آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالي ڪري رهيو آهي. خطي ۾ امن جي فروغ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. هن عالمي برادري کي چيو ته اها پنهنجي اخلاقي ۽ اصولي ذميواري پوري ڪري ۽ ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل ڪري. وزيراعظم آمريڪا ج?? عوام ۽ حڪومت کي ان جي 246 هين آزادي جي ڏهاڙي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪي سفير افغانستان مان انخلا ج?? سهولت جي لاءِ پاڪستان جي فوري ۽ موثر مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ج?? وچ ?? تعاون سان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملندو ۽ افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ ۾ مدد ملندي جنهن ۾ تازي زلزلي سان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي. آمريڪي سفير وزيراعظم جو استقبال ڪرڻ تي ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا ج?? عزم کي ورجايو.