اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر چي?? آهي، ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن ۽ بنيادي ڍانچي جي بح??لي ۾ عالمي بئنڪ پاڪستان سان مڪمل سهڪار ڪندي. پاڪستان جي دوري جي پڄاڻي تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته هاڻوڪي تباهه ڪن ٻوڏ سبب قيمتي حياتين، ملڪيتن ۽ بنيادي ڍانچي کي پهتل نقصان تي تمام گهڻو افسوس ٿي?? آهي. متاثرن کي امداد جي فراهمي لاءِ عالمي بئنڪ پاڪستان جي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪ??ي ره?? آهي. هن چيو ته گهرن ۽ روزگار کي پهتل نقصان جي ازالي لاءِ قدم ضرور?? آهن. عالمي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته ٻوڏ بعد متاثرن جي بح??لي، آبادڪاري ۽ بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير لاءِ عالمي بئنڪ مجموعي ط??ر تي 12 ارب ڊالرن جي مالي معاونت جو انتظام ڪ??ي ره?? آهي. هن چيو ته پاڪستان دنيا جي انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ متاثر آهي.