اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي ط??فن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪشمير تي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي جي خ??اف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پ??غا?? ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪشميري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀارت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪشميرين ۽ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي غيرق??نو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي ط??ف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن ق??نو??ي جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪشمير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪشميرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.