اسلا?? آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ترڪيه جي دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آساني کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم اها ڳالهه پاڪ ت??ڪ بزنس ڪائونسل جي ا??لا?? کي خطاب ڪن??ي چئي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراستعمال ٿيل ڪاروباري ۽ واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ۽ واپاري سفارتڪاري جو نئون دور شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.