اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? آهي ته ??ارن ايجنٽ ڪوڙو، مظلوم بڻجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ??رڻ، هڪ لک نوڪريون، 50 لک گهر ڏيڻ جي ڀڀڪين جو ڇا ٿيو؟ معيشت کي باهه لڳائي، مهانگائي جي تباهي ڦهلائي ۽ اڄ معيشت جي ڳالهه ڪندي ڪجهه ته شرم اچڻ گهرجي، خوف توهانکي پنهنجي ڏوهن کان ٿي رهيو آهي، خ??ف ان وقت ٿيڻ گهرجي ها جڏهن قومي خزاني تي توهان ڌاڙو هڻي رهيا هئا، خ??ف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن توشه خانه ۽ سرڪاري عهدن جي لوٽ سيل لڳل هئي. عمران خان جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلا??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چي?? ته خ??ف ان وقت اچڻ گهرجي ها جڏهن بشريٰ ۽ فرح پنجاب ۽ ملڪ جو هر عهدو رشوت وٺي وڪرو ڪري رهيون هيون، توهان کي شوڪت خانم اسپتال جي 30 لک ڊالر نجي ڪاروبار ۾ لڳائيندي خوف نه آيو، اهو ٻڌايو 2018ع ۾ ڊالر ڪيتري جو هو؟ اٽو کنڊ جي قيمت ڇا هئي؟ پيٽرول ۽ في يونٽ بجلي جي قيمت ڇا هئي؟ هن چي?? ته ??ارن ايجنٽ پاڻ گهر ۾ لڪي ويٺل آهي ۽ عوام کي چوي ٿو ته گهرن مان نڪرو، فارن ايجنٽ کي خبر آهي ته گهر مان نڪتو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جي ”آزادي“ ختم ٿي ويندي. هن چي?? ته ??ارن ايجنٽ جو هر ڪوڙ بي نقاب ٿي چڪو آهي، معيشت جي قاتل ۽ عوام جي ڏوهاري کي گهر مان ڪڍي جيل موڪلڻ جو وقت اچي ويو آهي.