اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مر??م نواز شري?? اڄ جمعي ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري تي گوجرانوالا رواني ٿيندي، جتي هوءَ تنظيمي ڪنوينشن کي خطاب ڪند??. ت??ظيمي ڪنوينشن غلام حسين پارڪ جي ٽي روڊ گوجرانوالا ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ مر??م اورنگزيب چيو ته مر??م نواز شريف جي صدارت ۾ سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن گوجرانوالا ۾ تنظيمي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پارٽي جا مقامي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۽ ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته مر??م نواز شريف سوشل ميڊيا، عورتن ۽ يوٿ ونگ جي عهديدارن سان پڻ ملاقات ڪندي. واضح رهي ته مر??م نواز شريف پهرين فيبروري کان ملڪ گير تنظيمي دورن جي شر??عا?? ڪئي هئي. هوءَ بهاولپور، ملتان، ايبٽ آباد، اسلام آباد، راولپنڊي، سرگوڌا ۽ بهاولپور ڊويزن جا دورا ڪري چڪي آهي.