اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد م??يد خان بيجنگ ۾ چين جي پرڏ??هي وزير ڪن گينگ سان ملاقات ڪئي. پرڏ??هي آفيس موجب پرڏ??هي سيڪريٽري ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ۽ چين ڀائر ملڪ، قابل اعتماد دوست ۽ امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حصيدار آهن. پرڏ??هي سيڪريٽري سان ڳالهائيندي ڪن گينگ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي لاءِ چين جي پڪي عزم کي ورجايو ۽ پاڪستان کي هر قسم جي تعاون جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو. چين جي پرڏ??هي وزير ڪن گينگ ۽ پرڏ??هي سيڪريٽري اسد م??يد خان اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن ۾ چين پاڪستان اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي اهميت کي ورجايو ۽ گڏيل لاڳاپن ۾ مستحڪم رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نومبر 2022ع ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بيجنگ جي دوري دوران طئي ٿيندڙ اتفاق راءِ کي وڌيڪ سگهارو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ)، واپار ۽ سيڙپڪاري، مالي تعاون، سماجي تعاون، اقتصادي ترقي، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن سميت متنوع ڊومينز کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي.