اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان افغانستان ۾ مفاهم?? بابت آمريڪا جي اڳو??ي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد جي بيان جي حوا??ي سان هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان کي ڪنهن جي ليڪچرز يا مشوري جي ضرورت نه آهي. جاري هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته اسان هڪ بهادر قوم جي حيثيت سان موجوده مشڪل صورتحال مان وڌيڪ مضبوط بڻجي نڪرنداسين.