اسلام آباد – 06– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي ۽ مل?? جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ مل?? ۾ جاري آدمشماري تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وفد ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وارو وفاقي وزير امين الحق ?? قومي اسيمبلي جو اڳوڻو ميمبر فاروق ستار موجود هئا. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پڻ شامل هو.