اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو آهي ته انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا ??هن. ڊاڪٽر عارف ??لوي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پ??ڪس??ان هيومن ڪيپيٽل ريويو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گهٽ انساني سرمائي جي سيڙپڪاري پ??ڪس??ان جي 2047ع تائين هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪن??و. ????ڪس??ان هيومن ڪيپيٽل ريويو موجب جيڪڏهن پ??ڪس??ان انساني سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي ??ور تي رڳو 18 سيڪڙو تائين وڌندي.