اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سلامتي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي عزم کي نظر ۾ رکندي پرڏيهي وزارت سوڊان ۾ پاڪستانين جي ريليف ۽ ريسڪيو ۾ اڳڀري آ??ي. ??رڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير چيو ته اڄ خرطوم مان 211 پاڪستانين کي کڻي هڪ ٻيو قافلو پورٽ سوڊان پهچي ويو آهي. تازه ترين قافلي سان گڏ حفاظت سان نڪرندڙ پاڪستانين جو ڪل انگ 700 تائين پهچي ويو آ??ي. ??ن چيو ته خرطوم ۽ پورٽ سوڊان ۾ سفير مير بهروز ريگي جي ٽيم سوڊان ۾ موجود پاڪستانين جي قيام جي سهولت لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آ??ي. ??ن چيو ته پاڪستانين جي انخلا جي عمل کي آسا?? بڻائڻ جي لاءِ خطي جي دوست ملڪن خاص طور ??ي سعودي عرب سان مصروف عمل آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته آئون خطي ۾ اسان جي مشنز جي محنت ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان جي سربراهي ۾ پرڏيهي آفيس جي پوري ٽيم جو ٿ??رائتو آهيان جيڪو بين ايجنسي ڪوآرڊينيشن جي عمل جي قيادت ڪري رهيو آهي.