اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏي??ي معاملن وارو مملڪت?? وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪت?? وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ??راچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏي??ي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏي??ي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏي??ي معاملن وارو مملڪت?? وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دوري دوران ??ريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيا??ن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.