اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪن??ينشن پڄاڻي تي پهتي، ڪن??ينشن ۾ 17 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان ۾ بيلجيئم، ايران، ڪينيا، شام، جمهوريه ڪرغزستان، برطانيه، آمريڪا، اسڪاٽ لينڊ سميت ٻين ملڪن جا وفد شامل هئا. ڪن??ينشن ۾ اندروني ملڪن مان پارليامينٽ جي ميمبرن، سياسي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي ميمبرن، عورتن، اڪيڊميا، غير مسلم اڳواڻن شرڪت ڪئي، سعودي عرب جي مجلس شوريٰ جو چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله ب?? ??حم?? بن ابراهيم الشيخ پڻ شريڪ ٿيو. ڪن??ينشن جي پهرين ڏينهن پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فض?? الرحمان، وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ قمر زمان ڪائره خ??اب ڪيو، ڪن??ينشن جي ٻي ڏينهن واري پڄاڻي جي تقريب کي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خ??اب ڪيو. ان موقعي تي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. ڪن??ينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيسه شاه پڌرائي پيش ڪئي.