اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) پاڪستان، چين ۽ ايران جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت پهريون ٽه ڌريو مشاورتي اجلاس گذريل ڏينهن بيجنگ ۾ ڊائ??يڪ??ر جنرل جي سطح تي منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترج??ان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ٽه ڌريي مشاورتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي ڊائ??يڪ??ر جنرل (ڪائونٽر ٽيررازم) عبدالحميد پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. وفدن علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي خطي کي درپيش دهشتگردي جي خطري تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ترج??ان چيو ته مشاورت جي نتيجن جي بنياد تي ڌرين دهشتگردي جي خاتمي ۽ سلامتي بابت ٽه ڌريي مشاورت کي اداراجاتي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.