ٽوڪيو -02 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپان جي سرڪاري دوري جي مو??عي تي ڪيترن ئي جاپاني بزنس ايگزيڪيوٽو، جائيڪا ۽ جيڙو جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جاري بيان ۾ چئي، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري جاپاني حڪومت جي دعوت تي گذريل ڏينهن ٽوڪيو پهتو هو جتي پاڪستان جي سفير رضا بشير تارڙ جاپاني پرڏيه?? وزارت جي عملدارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جي وڏي انگ ان جو استقبال ڪيو. پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جي چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي، ان جي جاپاني هم م??صب ۽ وزيراعظم سان پڻ ملاقاتون رٿيل آهن.