اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف سان (اڄ) سوئٽزرلينڊ جو پرڏيهي وزير اگنازئيو ڪاسيس ملاقات ڪن??و. ??زيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم ۽ سوئس پرڏيهي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن ??ي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مفاهمتي يادداشت تي صحيون ڪيون وينديون. وزيراعظم محمد شهباز ??ريف جي پاڪستان ۾ ڊيزاسٽر منيجمنٽ کي بين الاقوامي معيار جهڙو بڻائڻ جي ويزن تحت پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيون هڪ اهم قدم آهي. مفاهمتي يادداشت تي صحين کانپوءِ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن جي امڪاني نقصانن جي اڳڪٿي، فوري امدادي ڪاروائين ۽ بحالي جي قدمن ۾ سهڪار کي هٿي مل??دي.