اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري ??هم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري ??هم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ??ي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪاري ??هم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري ??هم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو ه?? جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري ??هم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ??ي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اس??ن سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري ??هم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري ??هم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.