لاهور-30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان ملاقات ڪئي ۽ ص??بي جي مجموعي امن امان جي صوتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري ڪيل ??يان مطابق ملاقات ۾ پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي، چ??ف سيڪريٽري ۽ انسپيڪٽر جنرل پوليس به شامل هو. ملاقات ۾ ص??بي جي مجموعي امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف يوم عاشوري تي پنجاب ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ تي پنجاب جي انتظاميه ۽ پوليس ج?? ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي.