اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وزيراعظم کي گذريل 15 مهينن دوران ملندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي م??ظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ڪابينا هزاره ايڪسپريس جي نوابشاهه ويجهو حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم ڪابينا جي سمورن ميمبرن جو گذريل 15 مهينن ۾ ملڪ جي بهتري ??ي لاءِ ڏينهن رات محنت ۾ سندس ساٿ ڏيڻ تي ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ ڪابينا سيڪريٽري ڪابينا کي 20 اپريل 2022ع کان 8 آگسٽ 2023ع تائين جي ڪارڪردگي جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته گذريل 15 مهينن ۾ ڪابينا جا 53 اجلاس ٿيا، وفاقي ڪابينا مجموعي طور تي 1295 فيصلا ڪيا، 99 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو. بيان موجب وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي قومي ٽيرف ڪميشن جي ٽيڪنيڪي ۽ غيرٽيڪنيڪي م??مبرن جي م??رري، عبدالرشيد شيخ، نعيم انور، محمد اقبال تابش، احمد شيراز کي غيرٽيڪنيڪي ۽ عمران ضياءَ جي ٽيڪنيڪي م??مبر طور مقرري ??ي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي ئي سفارش تي سلمان ايس مهدي جي اسٽيٽ لائيف انشورس ڪارپوريشن ۾ بطور چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي م??رري ??ي م??ظوري ڏني. ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي سليم الله جي بطور نائب گورنر اسٽيٽ بئنڪ مقرري ??ي پڻ منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وزارت جي پيش ڪيل قومي م??سيقي پاليسي جي مسودي جي م??ظوري ڏني. پاليسي تحت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان جي م??سيقي جي ورثي جي تحفظ، موجوده دور جي م??سيقي جي ترقي ۽ موسيقارن جي م??سيقي چوري ٿيڻ جي خاتمي لاءِ قانوني ڍانچي جي اطلاق ۽ جديد ٽيڪنيڪي وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. وفاقي ڪابينا پيٽروليم واري وزارت جي سفارش تي آئل اينڊ گئس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر/ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي م??رري ??ي سمري ??ي تفصيلي مشاورت کانپوءِ اهو فيصلو ڪيو ته ان مقرري ??ي لاءِ ٻيهر اشتهار ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي قومي هوابازي پاليسي 2023ع جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. ان پاليسي تحت ملڪ ۾ ان شعبي جي ترقي جي لاءِ قدمن ۽ پاڪستان جي هوائي اڏن تي م??امي ۽ عالمي مسافرن جي لاءِ موجوده سهولتن ۾ بهتري ??ندي ويندي. وفاقي ڪابينا سيڙپڪاري ??ورڊ جي سفارش تي خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جي مختلف ڪميٽين ۾ ميمبرن جي شموليت جي م??ظوري ڏني. انهن ترميمن تحت قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي، اطلاعات ??شر??ات واري وفاقي وزير ايپڪس ڪميٽي ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري ??يگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ عملدرآمد ڪميٽي جا ميمبر هوندا. ان کانسواءِ وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد جهانزيب خان جي سيڪريٽري ??يپڪس ڪميٽي، خصوصي سيڙپڪاري ??هولت ڪائونسل جي طور تي م??رري ??ي م??ظوري ڏني. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا خصوصي سيڙپڪاري ??هولت جي سيڪريٽريٽ جي قيام ۽ جميل احمد قريشي جي بطور سيڪريٽري/ پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ريلوي ڊويزن جي سفارش تي ارشد سليم خٽڪ جي بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ريلوي اسٽيٽ ڊيولپمينٽ اينڊ مارڪيٽنگ ڪمپني جي م??رري ??ي م??ظوري ڏئي ڇڏي. بيان موجب وفاقي ڪابينا وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي گذريل 15 مهينن ۾ وزيراعظم کي م??ندڙ سمورن قيمتي تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي جي م??ظوري ڏني. وزيراعظم اها به هدايت ڪئي ته انهن تحفن جي شفاف انداز ۾ نيلامي کانپوءِ ان مان ملندڙ رقم کي پاڪستان ۾ موجود يتيم ۽ بي سهارا ٻارن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن کي عطيو ڪئي ويندي. ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته نيلامي جي عمل ۾ عوام الناس حصو وٺي سگهندي. وفاقي ڪابينا 14 آگسٽ تي پاڪستان جي مختلف جيلن ۾ موجود قيدين جي سزا ۾ رعايت کي ٻيڻو ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني ۽ ان ڳالهه جي هدايت ڪئي ته ان رعايت جو قانون موجب سمورين قيدين تي اطلاق هوندو. ڪابينا گهرو وزارت کي هدايت ڪئي ته جيلن ۾ قيدين جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. وفاقي ڪابينا پاور ڊويزن جي سفارش تي سولر پاليسي ۾ ترميمن جي م??ظوري ڏئي ڇڏي. انهن ترميمن جي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ حڪومت جي سرڪاري ??مارتن جي سولرائيزيشن ۽ حڪومت جي م??ڪ گير 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن جي م??صوبي تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ڪابينا کي اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وزارت پاران حڪومتي ڪارڪردگي ۽ وزيراعظم جي 488 ڏينهن تي ٻڌل وزارت عظميٰ تي ٻه ڪتاب پيش ڪيا ويا. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 جولاءِ، 7 آگسٽ ۽ 8 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا بين الحڪومتي واپاري ڏيتي ليتي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا نجڪاري ??ابت ڪابينا ڪميٽي جي 7 آگسٽ 2023ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي.