اسلام آباد _ 18 آگسٽ (اي پي پي ) ڊاڪٽر نديم جان نگران وفاقي صحت واري وزير جي حيثيت ۾ پنهنجي وزارت جو قلمدان سنڀالي ورتو آهي . صحت واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق وفاقي صحت واري س??ڪر??ٽري افتخار علي شلوني ۽اسٽاف صحت واري وزير جي ??جي??ن ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نديم جان صحت جي شع??ي ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ستاره امتياز حاصل ڪري چڪو آهي . هو پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ پنهنجن خدمتن جي بدولت عالمي شهرت رکي ٿو . چارج سنڀالڻ بعد وزارت جي آفيسرن ۽ هيڊ آف ڊيپارٽمنٽ سا?? تعارفي ملاقات به ڪئي . ان موقعي تي وفاقي صحت کاتي جي س??ڪر??ٽري افتخار شلواني ، ايڊيشنل س??ڪر??ٽري ڪامران رحمان خان ، ڊي جي ه??لٿ ، جوائنٽ س??ڪر??ٽري ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا . ان موقعي تي نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت واري وزارت کي درپيش چيلنجز سان منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن کي استعمال ۾ آندو ويندو . اسان کي ملڪ ۽ قوم جي فلاح ۽ ڀلائي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو . صحت جو شع??و اسان جي پهرين ترجيح آهي . عوام جا مسئلا گهٽ مدت ۾ حل ڪنداسي ، اسان سڀن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو . ڊاڪٽر نديم جان چيو ته صحت جي شع??ي ۾ مفاد عام لاءَ انقلابي ۽ فلاحي منصوبن جي بنياد رکنداسي .