لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو
آهي ته 9 مئي ناقابل معافي ڏوهه آهي، ماسٽر مائينڊ کي به سزا ملندي،
دهشتگردي ۽ ڳالهيون گڏجي نٿيون هلي سگهن، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا
برداشت ناهن، اختلاف ڪرڻو آهي ته سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان ڇو؟
پي ٽي آءِ ملڪي دفاع ۽ سالميت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، مسلم
ليگ (ن) جي دور ۾ هميشه ترقي ٿي، بجلي جي بلن تي 95 ارب روپين جي
سبسڊي ڏني وئي، تڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اهڙو
اظهار هن لاهور ۾ هڪ عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي
مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ پڻ موجود هئا.وفاقي وزير چيو ته 9 مئي تاريخ جو
ڪارو ترين ڏينهن آهي، پي ٽي آءِ وارن ملڪ جي دفاع ۽ سالميت کي نقصان
پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، سياست جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ڪيا ويا، هڪ
نالائق شخص ملڪ دشمني جو ثبوت ڏيندي آءِ ايم ايف کي خط لکيا ته پاڪستان
جي مدد نه ڪئي وڃي، ملڪي سالميت تي حملا قبول ناهن، سياسي دهشتگردي
نٿي هلي سگهي، پاڪستان آهي ته اسان سڀ آهيون. هن چيو ته ڪالهه هڪ وڏو
ڏينهن هو، 9 مئي سانحو اسان جي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، ان ۾ ملوث
25 ڏوهارين کي سزائون مليون آهن، انهن ماڻهن شهيدن جي يادگارن کي ميٽيو،
جن شهيدن ملڪ لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، انهن جي بي حرمتي
ڪئي، ملڪي دفاعي ٺڪاڻن تي حملا ۽ ملڪي سالميت کي نقصان پهچائڻ جي
ڪوشش ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سياست ڪريو اوهان کي سياست کان ڪير
ٿو روڪي، پر سياست تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪريو. سياسي اختلاف ڪرڻو
آهي ته سياستدانن سان ڪريو، شهيدن سان اوهان جي ڪهڙي دشمني آهي؟
پاڪ فوج جا جوان ته اسان جي سرحدن جا محافظ آهن، اهي جاڳن ٿا ته پورو
ملڪ سڪون جي ننڊ سمهي ٿو، اڄ جيڪو ملڪ ۾ امن امان آهي ان پٺيان انهن
شهيدن جي قربانين جو هڪ ڊگهو داستان آهي، انهن شهيدن جي يادگارن جي
حملا ڪري اوهان ملڪ دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. هاڻي وڌيڪ سياسي
دهشتگردي نٿي هلي سگهي، پنهنجي ئي گهر ۾ رهندي پنهنجي ئي گهر تي حملو
ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، 9 مئي سانحو ناقابل معافي ڏوهه آهي، ان
واقعي جو جيڪو ماسٽر مائينڊ هو انشاءُ الله ان کي ضرور سزا ملندي. عطا الله
تارڙ چيو ته اسان ڳالهين جا قائل آهيون، اسان سياسي ماڻهو آهيون اسان ڳالهيون
ڪرڻ ڄاڻون ٿا ۽ چاهيون به ٿا پر جتي سياسي دهشتگردي هوندي، جتي سياست
جي آڙ ۾ ملڪ تي حملا ٿيندا اهي برداشت نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته انهن
ماڻهن پرڏيهه ۾ رهي لابين کي هائر ڪيو آهي، جن کي اهي ماڻهو پئسا ڏئي
ملڪ خلاف ٽرينڊ هلائين ٿا، ملڪ خلاف جيڪا پروپيگنڊا ڪن ٿا ان سان
نقصان پاڪستان جو ٿئي ٿو. سڀئي سياسي پارٽيون بعد ۾ ۽ پاڪستان سڀ کان
پهريان آهي. وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جڏهن به اقتدار ۾ آئي ته ملڪ
ترقي جي راهه تي گامزن ٿيو، مهانگائي گهٽ ٿي، معيشت به ترقي ڪري رهي
آهي، ملڪ جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي، اڄ دوست ملڪ پاڪستان اندر
اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، نون ترقياتي منصوبن جي
شروعات ٿي رهي آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي
پهچي وئي آهي. پرڏيهه مان ڪاروباري ڌريون سيڙپڪاري لاءِ پاڪستان اچي
رهيون آهن، ان جو سبب هي آهي ته ملڪ ۾ هڪ اهڙي قيادت موجود آهي
جنهن تي انهن کي ڀروسو آهي. کين خبر آهي ته هي پنهنجي ڳالهه جا سچا ۽
واعدي جا پڪا آهن. پاڪستان جي ڀلائي ۽ ترقي چاهين ٿا. هن چيو ته اين اي
127 ۽ پي پي 163 جي حوالي سان جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اهي اڄ واعدا
وفا ٿي رهيا آهن، اسان ميان عمران جاويد ۽ ٻين پارٽي ڪارڪنن سان گڏجي
تڪ جي عوام جي خدمت ڪنداسين، انهن جا مسئلا حل ڪنداسين ته جيئن جڏهن
پنجن سالن کانپوءِ ٻيهر ووٽن لاءِ ماڻهن وٽ وڃون ته ڪنڌ فخر سان مٿي هجي.
هن چيو ته منهنجي خوش قسمتي آهي ته منهنجي والده هن تڪ ۾ موجود رهي
ٿي ۽ هو عوام جي وچ ۾ رهندي شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار
ادا ڪري ٿي، اسان پنهنجي بزرگن کان عوام جي خدمت ڪرڻ سکي آهي ان لاءِ
خدمت جي سياست ڪرڻ تي يقين رکون ٿا. ان خدمت جي جذبي تحت بجلي جي
بلن تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 50 ارب ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم
نواز 40 ارب روپين جي سبسڊي ڏني ته جيئن عوام کي بجلي جا بل گهٽ اچن،
هاڻي ونٽر پئڪيج آيو آهي، بجلي جي بلن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، هن چيو ته
اسان جيڪو واعدو ڪريون ٿا ان تي پورو لهون ٿا، اسان عوام سان جيڪي
واعدا ڪيا هئا انهن جي تڪميل اوهان آڏو ٿي رهي آهي، هر جاءِ تي تعمير ۽
ترقي اوهان کي نظر ايندي، مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي، اوهان جا مسئلا گهٽ
ٿيندا، وفاقي وزير چيو ته جلد تڪ هڪ مثالي تڪ بڻجي ويندو، ملڪ به ترقي
ڪندو، هي تڪ به ترقي ڪندي ۽ عوام جا مسئلا حل ٿيندا، آخر ۾ وفاقي وزير
شعر پڙهيو،”اٺ بانڌ ڪمر ڪيا ڊرتا هي، ڦر ديک خدا ڪيا ڪرتا هي“،
پڙهندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به ڪم جو نيڪ نيتي سان پڪو ارادو ڪيو
وڃي ته ان ۾ الله تعاليٰ جي مدد به شامل ٿي ويندي آهي، اسان کي هن ملڪ کي
هڪ معاشي قوت بڻائڻو آهي ۽ خواب جلد پورو ٿيندو.