لاهور – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ??هي ته حڪومت عوام جي ڀلائي، معاشي ذم??وارين سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ تاريخ?? ورثي جي حفاظت جون ذم??وارين بهتر طريقي سان پوريون ڪري رهي ??هي پر ماضي جي حڪومتن پنهنجون ذم??واريون پوريون نه ڪيون جنهن تي عوام کي ماضي جي حڪمرانن کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي جيڪي ملڪ کي اونداهي طرف وٺي ويا. هو گريٽر اقبال پارڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته اهو لکي هڻڻ گهرجي ته گريٽر اقبال پارڪ ڪنهن ڌرڻي جي جاءِ نه ??هي ڇو ته ڌرڻي وارا اهڙين جاين جي ڳولا ۾ رهندا آهن، هن چيو ته هن وقت ٽي سال اڳ واريون حالتون نه آهن پر ملڪ ۾ تبديلي ۽ خوشحالي اچي رهي آهي. هن چيو ته ??وج??ده حڪومت توانائي جا منصوبا شروع ڪيا جنهن سان ملڪ روشن ٿيو ??هي ۽ روشنيون بحال ٿي رهيون آهن.