اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪس??ان جي سفير احمد علي سروهي پاڪس??ان سان غيرمعمولي سهڪار جي اعتراف ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪس??ان جي سفير ٻنهي ملڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ??وش??ن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪس??ان سان سهڪار جو اعتراف آهي. پاڪس??ان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ملڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪس??ان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ??وش??ن ٻنهي ملڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رضاڪاراڻا خدمتن تي رضاڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رضاڪارن پاڪس??ان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ??وش??ن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.