اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا ۾ منظور ڪيل تڪراري شهريت بل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارت جي اهڙي قدم سندس اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينا مريم نواز جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو معاملو ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو، حڪ??مت ذيلي ڪمي??ي جي سفارشن ۽ ٺوس سببن کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪندي، وزيراعظم سزا يافته ۽ فرار ٿيل ماڻهن جي ميڊيا بيانن جي ??دا??ڪ لاءِ پيمرا سميت سمورن لاڳاپيل ڌ??ين جي مشاورت سان لائحه عمل جوڙڻ لاءِ قا??ون ۽ انصاف واري وزير کي خصوصي هدايتون ڏنيون، ڪابينا جي سڪوڪ بانڊز ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تي خدشن تي ٻئي سمريون واپس ورتيون ويون، حڪ??مت په??ين 15 مهينن ۾ سوئي گئس، بجلي، زراعت، فرٽيلائيزر جي شعبي ۾ 401 ارب جي سبسڊي ڏني آهي، وزيراعظم عمران خان وفاقي گادي واري شهر جي سمو??ين اسپتالن کي اسٽيٽ آف دي آرٽ ادارن ۾ تبديل ڪرڻ جي هدايت ڏني. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ڀارتي لوڪ سڀا طرفان شهريت بابت قا??ون سازي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي قانونسازي ڀارتي سرڪار جي نام نهاد لبرل ازم جو پردو لاهي ڇڏيو آهي ۽ اهو آر ايس ايس نظرئي جي واڌ جي ايجنڊا جو عملي مثال آهي