اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته فنڪار ۽ گلوڪار پاڪستان جو حقيقي چهرو آهن، گلگت بلتستان جو خطو تاريخي لحاظ کان اهميت رکندڙ خطو آه?? جيڪو سي پيڪ جي ڪاميابي ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گلگت بلتستان جي ب??ادر ۽ ارڏي عوام سدائين پاڪستان جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جن نه رڳو ڊوگر کي ڀڄايو هو پر ان علائقي ۾ پاڪستان جو جهنڊو ڦڙڪايو، جشن ساز ۽ سام??ن ۾ هن خط?? جي هڪ منفرد روحاني ڪردار علامه نصيرالدين نصير هنزالي کان روشناس ٿيڻ جو پڻ شرڪت ڪندڙن کي موقعو مليو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ قراقرم جي صوفي موسيقي جا رنگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.