اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي مشڪلاتن جو چڱي ريت ادراڪ آهي، تعميراتي شعبي جو فر??غ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تعميراتي شعبي جي فر??غ سان معاشي عمل تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، حڪو??ت تعميراتي شعبي جي فر??غ جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي، مختلف سرڪاري ادارن جي ملڪيت ۾ رياستي ملڪيتن کي تعميرات خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تعميراتي شعبي جي فر??غ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.