اسلام آباد – 28 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هيلٿ پروفيشنلز جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي، عوام کي ڪرونا وائرس کان بچائڻ جي لاءِ تيزي سان هنگامي قدم کڻي رهي?? آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ قائم آئسوليشن رومز جو دور?? ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.