اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده غيرمعمول?? صورتحال ۾ لاڪ ڊائون کان وڌيڪ بک ۽ بدحالي خطرناڪ آهي، لاڪ ڊائون ڪورونا جو علاج نه عارضي قدم آهي، جيستائين معيشت بحال نه ٿي ٿئي غريب ۽ لاچار طبقي جون مشڪلاتون وڌنديون، ڪورونا جي روڪٿام ?? حفاظتي تدبيرن جي حوالي سان قاعدن ۽ ضابطن تي عملدرآمد ڪرڻو پوندو، احتياطي تدبيرن بابت عوام ?? شعور اجاگر ڪرڻ گهرجي، پوليس عوام تي سختي بدران دوستاڻو رويو اختيار ڪري، لاڪ ڊائون جي حوالي سان حڪومتي پاليسي بلڪل واضح آهي، عوام جي زندگين کي غيرضروري خطري ۾ وجهڻ کانسواءِ هر ان شعبي ۾ سهولت ڏني ويندي جنهن سان عوام ?? خاص طو?? تي غريب ۽ سفيد پوش ماڻهن جو ڪاروبار واڳيل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوويڊ 19 ج?? صورتحال جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.