اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ارب رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ارب مان وڌائي 205 ارب رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ س??سڊ?? جي لاءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو ??هي?? سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 650 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو رهڻ جو امڪان ??هي?? سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئ?? وئي، سيمنٽ تي في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئ?? وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئ?? وئي ??هي?? درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي شرح کي خام مال تي 5.5 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 2 سي??ڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سي??ڙو مان گهٽ ڪري هڪ سي??ڙو ڪيو ويو ??هي?? گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئ?? وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سي??ڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئ?? وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سي??ڙو مان وڌائي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو في??رل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سي??ڙو مان وڌائي 100 سيڪڙو ڪئ?? وئي ??هي?? ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي ??هي?? ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي 0.4 سي??ڙو مان وڌائي 2.1 سي??ڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سي??ڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سي??ڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سي??ڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ارب رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ارب رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ارب رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سي??ڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌائي 208 ارب رپيا ڪئ?? وئي ??هي?? توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون س??سڊ??ز ڏيڻ جي لاءِ 179 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي 64 ارب رپيا ڪئ?? وئي آهي. گهٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي لاءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي لاءِ 55 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.