اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) آبادي جي ڀلائي بابت ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آباد?? ۾ ??يزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪ??ڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ عوامي آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت هيٺ فار الارمنگ پاپوليشن گروٿ بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطوآڻڻ جي لاءِ مخگتلف تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورين صوبائي حڪومتن اجلاس کي خانداني منصوبابندي بابت کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير اجلاس ۾ تجويز ڏني ته ماڻهن کي مالي مراعتن جي ترغيب ڏيڻ سان آباد?? ۾ ??ضافي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهٽ آبادي وارن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت مالي ترغيبات ڏيڻ جي تجويز ڏني. اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آباد?? ۾ ??يزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪ??ڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ عوامي آگاهي پيدا ڪ??ڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻجي ضر??رت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ اها ڳالهه زور ڏئي چئي وئي ته سموريون صوبائي حڪومتون ع??ام کي خانداني منصوبابندي جي حوالي سان باخبر آگاهه رکڻ جي لاءِ عالم سڳورن کان مدد حاصل ڪن. اجلاس ۾ مزهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي هڪ مهيني جي عرص?? ۾ ??الم سڳورن سان اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ انهن کان آبادي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون طلب ڪرڻ جي ذميوار?? ڏني وئي.