اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽين جي آل پارٽيز ڪانفرنس (اي پي سي) بدعنوان سياسي عنصرن جي گڏيل مفادن جي ڪائونسل آهي، عوام تي اها ڳالهه واضح ٿي ??ئي آهي ته اهي ماڻهو رڳو ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، انهن وٽ ڪا عوامي ايجنڊا نه آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪي معيشت استحڪام طرف گامزن آهي ۽ پوري دنيا جا ??قتصادي ماهر به ان جو اعتراف ڪري رهيا آ??ن جڏهن ته ماضي ۾ ملڪي معيشت هلائيندڙ هن وقت لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي معيشت تي تنقيد ڪري رهيا آهن جيڪا کل جوڳي ڳالهه آهي.