لاهور -03 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسا?? جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ کان ناهي روڪيندي، جيڪڏهن اسا?? جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو فوج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شريف جو هميشھ فوج سان ئي جهيڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد ادارو آهي جيڪو ملڪي مفاد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفار??يش?? ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.