اسلام آباد – 06 ن??مب?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي جائز حق، خود??خت??اري وارو حق حاصل ٿيڻ تائين انهن جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي، ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 6 ن??مب?? ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سال پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي قابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين وڏي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي غرض سان منظم طريقي سان 237000 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،