حافظ آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ حافظ آباد ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪم ڏسي خوشي ٿي، ڪورونا جي دوران حافظ آباد ضلعي ۾ احساس پروگرام تحت 66 ڪروڙ رپيا ضرورتمندن ۾ ورهايا ويا، ان کانسواءِ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکيو ويو آهي، جيڪا علاج جون بهتر سهولتون فر??هم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم حافظ آباد ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ناليوارين شخصيتن سان مل??قات دوران ڪيو جن وزيرا??ظم سان مل??قات ڪئي.