GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستان سمورن ملڪن سان پرامن، تعاون تي ٻڌل ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار

image

اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پاڪستان جي سمورن ملڪن سان پرامن، تعاون تي ٻڌل ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي عزم تي زور ڏنو آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد جي 51 هين يوم تاسيس کي خطاب ڪندي هن مڪالمي جي اهميت، بلاڪ جي سياست کان پاسو ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي پاسداري تي روشني وڌي. اسحاق ڊار اقتصادي ترقي ۽ علائقائي امن تي پاڪستان جي ڌيان تي زور ڏنو. هن چين سان پاڪستان جي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري، پاڙيسري ۽ وڏين طاقتن سان گهري لاڳاپن جي خواهش ۽ گهڻ رخي عزم تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سڀ کان وڏو مقصد علائقائي رابطن ۽ اقتصادي سلامتي کي وڌائڻ آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چئلينجز جي باوجود پاڪستان ثابت قدم رهيو آهي. هن خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رابطن، مڪالمي ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏيندي هڪ گڏيل تعاون تي ٻڌل موقف جي وڪالت ڪئي جيڪو سمورين قومن جي مفادن ۽ خواهشن جو احترام ڪري. هن بلاڪ جي سياست جي پاڪستان پاران مخالفت جو ورجاءُ ڪيو، ڇڪتاڻ تي تعاون کي فوقيت ڏيڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون جي عزم جي توثيق ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ وڌندڙ هنگاماخيز ۽ خطرناڪ دنيا ۾ رهي رهيا آهيون، جنهن ۾ روايتي ۽ نوان سيڪيورٽي خطرا لاحق آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو موقف هڪ پرامن پاڙيسريت جي پاليسي ۽ پائيدار اقتصادي ترقي تي آهي، جنهن ۾ امن ۽ ترقي جي وچ ۾ رابطي تي زور ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پرامن، مستحڪم، متحد ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته آگسٽ 2021ع ۾ طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پاڪستان انساني بحران کان بچڻ ۽ افغان عوام جي حمايت جي لاءِ افغانستان سان تعاون ڪيو آهي. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغان سرزمين ڪنهن به رياست جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي ۽ افغان عملدارن تي زور ڏنو ته اهي ان حوالي سان خدشا ختم ڪن. اسحاق ڊار چيو ته هڪ پرامن، مستحڪم افغانستان ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي ۽ وچ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر خوشحالي کي فروغ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان گڏيل احترام، خودمختياري برابري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي پرامن حل جي بنياد تي سٺي لاڳاپن جو خواهشمند آهي. ڪنهن به هڪطرفي موقف مڙهڻ جي ڪوششن کي رد ڪندي هن وڌيڪ چيو ته اسان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکنداسين ۽ نئين دهلي ۾ هندوتوا تي ٻڌل حڪومت پاران ڪنهن به غيرسوچيل سمجهيل فوجي ڪارروائي جو فيصلائتو جواب ڏينداسين. هن چيو ته ڀارتي قبضي هيٺ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي هڪطرفي قدمن سان ٻطرفي لاڳاپن کي نقصان پهتو ۽ ڀارت تي زور ڏنو ته هو بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو رياستي سرپرستي ۾ پنهنجي دهشتگردي بند ڪري ۽ مثبت لاڳاپن جي لاءِ ٺوس قدم کڻي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن کي غربت ۽ انساني ترقي جي درجابندي ۾ گهٽتائي کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڏکڻ ايشيائي علائقائي تعاون تنظيم (سارڪ) هڪ ميمبر ملڪ جي هٺ ڌرمي جي ڪري تعطل جو شڪار آهي. هن چين سان پاڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي ان جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهم حيثيت تي زور ڏنو. چائنا پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پي اي سي) پاڪستان جي معيشت ۽ علائقائي خوشحالي کي فروغ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري ٻنهي ملڪن پاران ٻطرفن لاڳاپن ۽ سي پيڪ جي لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت جي توثيق ڪئي آهي. هن چيو ته سي پيڪ جي 10 شامل ڪرڻ تي پاڪستان صنعتڪاري، ڊيجيٽلائيزيشن، سبز قدمن، زراعت ۽ عوامي مٽاسٽا تي ڌيان ڏيندي ان جي اپ گريڊ ورزن کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن چيو ته چيني عملي ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ سان پاڪ چين لاڳاپا ٻنهي ملڪن کي فائدو پهچائيندا رهندا. هن چيو ته پاڪستان ايران، نار ملڪن، ترڪيه، وچ ايشيائي رياستن ۽ آذربائيجان سان گهري حصيداري جو خواهشمند آهي، خصوصي سيڙپڪاري جي سهولت ڪائونسل جي ذريعي واپار، سيڙپڪاري ۽ علائقائي رابطن کي ترجيح ڏني ويندي. هن چيو ته آمريڪا سان مستحڪم لاڳاپن کي برقرار رکڻ تمام ضروري آهي، اهڙي طرح روس، يورپي يونين، جاپان ۽ آسيان جهڙي وڏين طاقتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ به اهم آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اڳتي ميمبرشپ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ان جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي. ان کان اڳ آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ايمبيسڊر سهيل محمود اداري جي ڪارڪردگي تي روشني وجهندي چيو ته ان عالمي حصيدارن سان تعاون وڌايو آهي. آءِ ايس ايس آءِ جولاءِ 2023ع کان جون 2024ع دوران 130 تقريبون منعقد ڪيون ۽ 150 کان وڌيڪ جاري ڪيل بريفس شايع ڪيا. ان کانسواءِ ٽي نوان ڪتاب ۽ ٽي خصوصي رپورٽون پڻ متعارف ڪرايون پيون وڃن.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں
متعلقہ مضامین
مزید خبریں