اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان افغانستان جي لاءِ پاڪستان جي خصوصي نمائندي محمد صادق خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ محمد صادق خان وزيراعظم کي پنهنجي افغانستان جي تازي دوري بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ ان موقعي تي موجود هو.