ڪابل – 19 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪا??ل جي صدارتي محل پهچي ويو جتي افغان صدر اشرف غني وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي صدارتي محل پهچڻ تي وزيراعظم کي افغان هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا جنهن کانپوءِ وزيراعظم افغان صدر سان گڏ گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. افغان صدر اشرف غني ۽ وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفدن جو تعارف ڪرايو. صدارتي محل ۾ وزيراعظم جي اعزاز ۾ باضابطه آجياڻي واري تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان اڳ ڪا??ل پهچڻ تي افغان جو پرڏيهي وزير محم?? حنيف اتمر ۽ افغان صدر جو پاڪستان لاءِ خصوصي نمائندو م??مد عمر دائود زئي ۽ سينئر عملدارن وزيراعظم عمران خان ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي.